شبير تابش

شبير تابش: مشھور صحافي ۽ محقق شبير تابش 13 آگسٽ 1965ع تي حيدرآباد جي علائقي سرفراز ڪالونيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حڪيم هو. هن بنيادي تعليم پنھنجي ڪالونيءَ ۾ واقع مدرسة الاسلام مان حاصل ڪئي. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تلڪ چاڙهيءَ تي واقع جامع عربيه هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ۽ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس مان بي. ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي. هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران سندس گهر ۾ ايندڙ اخبارون هو شوق سان پڙهندو هو. اٺين درجي ۾ سندس پھرين ڪھاڻي ‘جنگاخبار ۾ شايع ٿي.
بي. ڪام ڪرڻ دوران هو روزنامه ‘جنگ’ ۽ ‘چٽان’ سميت ٻين اخبارن ۾ به لکندو رهيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ هن روزنامه ‘انقلاب’ ۾ به ڪم ڪيو. ان کانپوءِ سندس لاڙو مئگزينن طرف ٿيو. ان وقت شوبز جو دور هو ۽ هن ‘صبح روپ’، ‘اجالا’، روزاني ‘عوام’ ۽ اهڙن ڪجهه ٻين مئگزينن ۽ اخبارن لاءِ فلمي خبرون لکيون. هن ڪيترائي مضمون به لکيا. ڪجهه وقت کانپوءِ فيچر نگاري شروع ڪئي، جنھن لاءِ سندس رهنمائي ‘اخبار جهان’ جي سينئر ايڊيٽر غلام محي الدين ڪئي. شاعريءَ جي شوق سبب پاڻ ڪيترائي غزل به لکيا. شاعريءَ ۾ سندس استادالياس شاهد’ هو، جيڪو مزدور اڳواڻ ۽ شاعر احسان دانش جو شاگرد هو.
محمد خان جوڻيجي جي حڪومتي دؤر ۾ ريڊيي سان وابسته رهيو ۽ ادبي پروگرامن لاءِ اسڪرپٽ، شاعري ۽ ڊراما به لکيا. سندس پھريون ڊرامو ‘روشني’ جي نالي سان نشر ٿيو. ان کان علاوه مختلف شھرن جي تاريخ ۽ شخصيتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪرنٽ افيئر جي پروڊيوسر محمد عارف سندس حوصله افزائي ڪئي، جنھن جي ڪري کيس سموري سنڌ ڏسڻ ۽ ان تي لکڻ جو موقعو مليو. سندس ان پورهئي کي ٻڌندڙن پاران بي انتھا واکاڻ ملي. ان کان علاوه هِن پي. ٽي وي، بي. بي. سي، ڊسڪوري ۽ نيشنل جيوگرافڪ جھڙن وڏن چئنلن لاءِ به ڊاڪيومينٽريون لکيون. هن ‘استاد جي’ جي نالي سان هڪ ڊاڪيومينٽري ڊسڪوري چئنل لاءِ به لکي. کيس سڀ کان وڌيڪ پذيرائي روزنامه ‘جنگ’ جي ‘مڊويڪ مئگزين’ جي ڪارڻ ملي. هن 25 جون 2021ع تي دل جي عارضي سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ شبير تابشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.08.13  عيسوي

مشھور صحافي ۽ محقق شبير تابش 13 آگسٽ 1965ع تي حيدرآباد جي علائقي سرفراز ڪالونيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2021.06.25  عيسوي

شبير تابش 25 جون 2021ع تي دل جي عارضي سبب حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس شاڪر
اخلاق جوکيو
اختر بلوچ 2
امام علي ڏيٿو
زلف پيرزادو
نور جوکيو
سنتداس ڀاٽيه ناز
حيات بلوچ
خليل الرحمان مير
حميد هارون
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون